ساٿ سکيا

ساٿ سکيا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور استاد، سماجيات جي ماهر ۽ اديب پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ سماجي علم متعلق علمي ۽ تاريخي ڳالهيون وضاحت سان سمجهايل آهن. سماجيات جي موضوع تي سنڌ ۾ هيءُ پهريون ڪتاب آهي. پروفيسر شيوارام نرسنگهداس سنڌ جو اهو ودوان تعليمي ماهر ۽ گهڻگهرو هو، جنهن بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جو عهدو ملڻ کي ترجيح نه ڏيندي، شڪارپور ۾ اچي گرلس اسڪول، وديا منڊل ۽ پاٺشالائن جو بنياد رکيو. هن صاحب علم شخص، هيءُ ڪتاب پڻ ان وقت سماجيات جي مضمون جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکي لکيو هو. هن ۾ سماجيات جي وصف، اصولن، قاعدن تي بحث ٿيل آهي.
هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته سماجيات جو اصل مقصد آهي انساني گروهن کي سمجهڻ ته اهي ڳوٺن، ڪٽنبن، پاڙن، شهرن ۾ ڪيئن ۽ ڇو ٿا گڏجي رهن، منجهن قومي حس ڪيئن ٿي پيدا ٿئي. انساني گروهه ڪيئن ٿا سڌرن ۽ ڪيئن منجهن بگاڙ اچي ٿو.
114 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، 1927ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ، نئين سنڌ لائبرريءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب نئين سنڌ لائبرريءَ جو چوئيتاليهون ڪتاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو